جاڳا رمضان شريف جا

جاڳا رمضان شريف جا

جاڳا رمضان شريف جا

جاڳا رمضان شريف جا (ڪتاب): هي ڪتاب ٺٽي جي نامور شاعر سيد محمد زمان شاهه رضوي المهدوي ساقيءَ جو تصنيف ڪيل آهي، هن ڪتاب ۾رمضان المبارڪ جي مهيني جي آمد کان الوداع تائين جا نظم آهن. انهن جاڳن ۾ سمهڻ بجاءِ بهتر عبادت جي تلقين، روزي رکڻ، روزي جون خصوصيتون، شب قدر ۽ آخري جاڳو رمضان المبارڪ جي آخري جمعي بابت آهي، هي ڪتاب سيد زمان شاهه ساقي جي اولاد مان سيد مرزان شاهه رضوي المهدوي پنجتني اماميه الڪيٽرڪ پرنٽنگ مان 1958ع ۾ شايع ڪرايو، هن ڪرائون سائيز ڪتاب جي قيمت 4 آنا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو